تاج مسجد

تاج مسجد: هيءَ مسجد موري شهر جي شاهي بازار جي ڏکڻ ۽ حبيب بئنڪ جي اولهه ۾ آهي. موري شهر جي مڙني مسجدن ۾ سهڻي ۽ وڏي مسجد آهي. هيءَ مسجد پاڪستان ٺهڻ کان ٿورو پوءِ ”گچيري“ کان لڏي آيل ميمڻ برادريءَ جي هڪ عالم فاضل خاندان جي مبلغ مولوي محمد عثمان ميمڻ جي نظرداريءَ هيٺ تعمير ڪرايل آهي. هيءَ مسجد وسيع علائقي تي پکڙيل آهي. هن خوبصورت مسجد جي تعمير تي ڪيترائي سال لڳي ويا. هن ۾ اٽڪل اڍائي، ٽي هزار نمازين جي گنجائش آهي. هن مسجد سان گڏ مڪتب، مدرسو ۽ ديني لائبرري پڻ قائم ٿيل آهين. هن مسجد ۾ 12 ربيع الاول، 72 رمضان شريف ۽ 10 محرم الحرام تي وڏا تبليغي جلسا منعقد ٿيندا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو